شاهه وردي خان

شاهه وردي خان (خطاب): جڏهن ميان غلام شاهه ڪلهوڙي سڄي سنڌ تي پنهنجي حڪومت قائم ڪئي ته هن مختلف ملڪن ۾ سنڌ جي درٻار طرفان پنهنجا سفير مقرر ڪيا ۽ افغان درٻار ۾ سنڌ جي درٻار طرفان ديوان گدومل سفير هو. ان وقت افغانستان جو بادشاهه احمد شاهه ابدالي هو، جنهن ديوان گدومل جي اعلى تدبر کان ماثر ٿيندي کيس 1175هه/1761ع ۾ ‘شاهه ورديخان’ جو خطاب ڏنو ويو.


لفظ شاهه وردي خانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو